Queen Iqra
Iqra Abro offical page
مون ھر جنم ۾ تنھنجو ساٿ گھريو ھو
پر تون ته ھن جنم ۾ ئي ڇڏي ھليو وئين.😶
14/08/2023
چري ڇوڪري
ھوءَ پُل جي ھن پار ھڪ وڻ کي ٽيڪ ڏئي
ذھن کي خيالن ۾ ويڙھائي رھي ھئي،
ان جون ڏرا ڏنل اکيون ڪنھن جو بيصبري سان انتظار ڪري رھيون ھيون،
ھن جو ذھن انيڪ خيالن جي ور چڙھيل ھو، ھوءَ ذھن ۾ انھن خيالن کي وڙھندو محسوس ڪري رھي ھئي، ڪنھن اجاگر شام جو جڏھن ھن سان ڪو ملڻ لاءِ ايندو ھو ته،
ھوءَ ھار سينگار ڪرڻ به وساري ويھندي ھئي،
ھوءَ پيءُ ماءُ جي فرمانبردار ڇوڪري ھن جي عشق ۾ نافرمان ٿي چڪي ھئي،
ھن لاءِ ھو شخص ئي سڀ ڪجھ ھو،
ڪڏھن ملڻ لاءِ نه اچي ته ان لاءِ اھا رات قيامت جي ڏينھن کان به ڊگھي ھوندي ھئي ۽
جڏھن ٻي ڏينھن سندس ملندو ھو ته ڀاڪر ۾ ايترو دير ان سان وچڙيل ھوندي ھئي جو
دنيا جهان کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندي ھئي،
اھي قول اھي واعدا جي ان سان ڪيا ويا سڀ اکين جو ڌوڪو ھو،
پر اڄ به ھوءَ انھن جي پورو ٿيڻ جو صبر دل ۾ سانڍي ويٺي آھي، ڪيڏي نه عجيب ڇوڪري آھي، خبر ناھي ان کي اھو روڳ ڇو لڳو،
خبر ناھي ان سان اھو ويساھ گھات ڇو ٿيو،
خبر ناھي ھوءَ اڃان ڪيتري تائين ان جو انتظار ڪندي،
خبر ناھي ھو واپس ان ڏي ايندو به الائي نه،
بس ڪا خبر ناھي، ڪا خبر ناھي.......
اقرا ابڙو
آنءُ محبت جي ماريل سادي ڇوڪري تنھنجي بيوفائي کي قسمت جي لڪير سمجھي ويٺي آھيان..
15/07/2023
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو؛
اُنِ جِيَ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ؛
ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳَھِ اَچيو اُنِ جي.
---
جن ساري رات اوجاڳو ڪري سائينءَ کي سنڀاريو. تن جي مئي کان پوءِ سندن خاڪ کي بہ مان مليو. اُنھن جي آستانن تي ڪروڙين اچي سجدا ڪن ٿا. (ڌڻيءَ جي عاشقن جي خاڪ ڪيميا آهي ۽ سندن آستان زيارتگاهہ آهن. )
سُر سريراڳ ٢:٢
اقرا ابڙو
27/06/2023
اسان تنگ رستن جا ڪي رولاڪ راھي
اسان منزلن جا ڪي ماريل مسافر
اسان پر ڪٽيل ڪي ابابيل آھيون
اسان آشيانن کان وسريل سراسر
پٿون پير ٿي ويا رليا ائين آھيون
اڃان پڇين ٿو اسان ڪيئن آھيون
مير جيسر
Click here to claim your Sponsored Listing.