Dr.sanam

Dr.sanam

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Dr.sanam, Health/Beauty, Defance Street near seaview, Karachi.

22/12/2022
02/08/2021

ھئي زندگي
جولاء ڇا آئي ھئي ڄڻ قيامت کڻي آئي ھئي
جنھن زندگي جا احساس ۽ جذبا کسي ورتا ھئا
ھا اھا ظالم جولاء جي رات جنھن بابا کي اسان کان ھميشه لاء کسي ورتو ھو جنھن کن پل ۾ اسان جي خوابن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ھو
گھر ائين لڳي رھيو آھي ڄڻ ويران ۽ سنسان صحرا جو ڏيک ڏيندو ھجي
پي ماء اھي ٻه عظيم رشتا آھن جنھن جي اولاد سان بي لوث ۽ بي غرض محبت ھوندي آھي ۽ اھي پنھنجي اولاد کي پاڻ کان وڌ ڪامياب ڏسڻ چاھيندا
بابا سائين استاد اسدالله سومروىجن جو جنم جيئن ته اباڻي ڳوٺ ڳاڙھي ۾ ٿيو ھو ڳوٺ جي ماحول سليم ڳاڙھوي ۽ ٻين جي نيڪ صحبت سبب بابا سادگي نيڪ نيتي ۽ حق گوئي جو مجسم ھو
اھو سمورو تربيت ۽ ماحول جو اثر ھو جو بابا پنھنجي لکڻين ۾ پاڻ کي حقير ناچيز ۽ عاجز لکندو ھو
بابا سائين جن سيرت النبي متعلق ڪتاب جيڪو ٻه ھزار ويھ ڌاران لکيو ھئائون جي ٻه اکر ۾ لکيو آھي ته مان نه اھل علم آھيان نه ڪو فھم فراست وارو مان ٻھراڙي جو سادو انسان آھيان البته گذريل پنجاھ سالن کان ڪتابن سان ٿوري گھڻي سگنت رھي آھي ۽ محترم استاد سليم ڳاڙھوي جن جي صحبت ۽ تربيت جو نتيجو آھي جو ڪجھ لکڻ جي قابل ٿي سگھيو آھيان
بابا سائين جن مان ڪافي ڪجھ پرايو اسان جڏھن ويھندا ھئاسين ته پوء جن موضوعن ڳالھ ٻول ٿيندي ھئي انھن ۾
دين اسلام ۽ ان جا رڪن
پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت جنھن تي بابا جو ڪتاب لکيل آھي جيڪو اڻ ڇپيل آھي
مختلف پيغمبرن جو ڳالھيون
قرآن پاڪ متعلق
حديث نبوي صلي الله عليه وسلم
سنڌ جي تاريخ دراوڙن کان موجودھ وقت تائين
ڳوٺ ڳاڙھي جو تاريخي پس منظر ۽ سومرا خاندان جو تاريخي پسمنظر ھن موضوع تي بابا جو ڪتاب به لکيل آھي جيڪو اڻ ڇپيل صورت ۾ آھي
محترم سليم ڳاڙھوي ھڪ باڪمال شاعر ۽ فقير منش انسان
ھن موضوع تي به بابا جو ڪتاب لکيل آھي جيڪو اڻ ڇپيل آھي
۽ موجود وقت ۾ عالمي ۽ علائقائي قوتن جو پاڻ ۾ ٺڪراء بحث ۾ شامل ھوندا ھئا
جيئين ته بابا سائين جن ھاليجوي درگاھ جا مريد ھئا بابا جن جي بيعت سائين حمادالله ھاليجوي جن جي فرزند سائين حافظ محمود اسعد جن سان ھٿ تي ٿيل ھئي
جنھن ڪري بابا جن جو لاڙو دين اسلام ۽ شريعت محمدي طرف ھيو
مون پنھنجي سموري زندگي بابا کي ھميشه ڪتانن جو مطالعو ڪندي ڏٺو ڇاڪاڻ جو جنھن به موضوع تي جڏھن بحث ٿيندو ھو ته بابا جا دليل مدلل ۽ مظبوط ھوندا ھئا
اڪثر بحث ۾ بابا مون کي لاجواب ڪري ڇڏيندو ھو

11/05/2021

مرد عورت جي دوستي -
صوفي من

(هن دور جي عشق, محبت ۽ ٻين خام خيالين تي تفصيلي لکڻي)

انسان جي لاء نوع انسان سان دوستي ڪهڙي معني ٿي رکي ان تي ڳالهائڻ فضول آهي, هڪ گذارش اها به آهي ته ٻين سان قريبي تعلقات رکڻ انسان جي سماجي, معاشي ۽ معاشرتي مجبوري آهي. پوء وري پنهنجي فطري , فڪري ۽ جذباتي ضرورتن کي اڳيان رکندي به دوستانه تعلقات تمام ضروري آهن. دوستي جو تعلق انسان جي روزمرهه جي زندگي جي مشڪل وقتن ۾ به ڪم اچي ٿو. جڏهن ته نوجوانن لاء اهو سماجي ۽ تعليمي ميدانن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

اسان جي معاشري ۾ جنس مخالف جي حوالي سان هڪڙي اها به کليل حقيقت آهي ته مرد ۽ عورت تيستائين پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ رهندا , جيستائين انهن جي شادي نه ٿئي. شادي کان پوء انهن جون اٿڻي ويهڻيون هڪجهڙائي ناهن رکنديون, هڪڙا گهر جي اندر مصروف هوندا آهن , ته ٻيا وري گهر کان ٻاهر. جديد دور جون تعليمي تقاضائون جيئن تبديل ٿين پيون, ان ۾ مرد ۽ عورت جو هڪ ٻئي سان گڏجي هلڻ ڪو ايڏو وڏو عجيب عمل ناهي رهيو. پر ان سماجي تعلق جي لاء فڪرمند ٿيڻ جي ضرورت آهي.

پراڻي دور ۾ انهن ٻنهي صنفن جي وچ ۾ رابطو هڪ مشڪل ترين عمل هيو, پر انهن جو گڏجي ويهڻ ڄڻ نا ممڪن هيو, پوء ماضي جي عشقيه داستانن ۾ ڪائي ڪمي ناهي . هاڻوڪي مخلوط ماحول , انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جي دور ۾ صنف مخالف جي قربت ۽ ڪشش سان ڪهڙا ڪهڙا معاملات پيدا ٿين ٿا, ۽ انهن سان معاشري تي ڪهڙا اثرات پوندا انهن تي نظر رکڻ جي شديد ضرورت آهي.

جنس مخالف سان دوستي هڪ مشڪل سوال رهيو آهي, ۽ ان کي سٺي نموني سان سمجهيو ۽ سمجهايو ناهي ويو. ان دوستي کي قائم رکڻ واري عمل کي روشن خيالي جڏهن ته ان دوستي کان باز رکڻ واري طبقي کي قدامت پرست چئي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي

مغرب ۾ جنس مخالف سان ميل جول اڻويهين ۽ ويهين صدي جي سنگم تي ٿي , جڏهن انهن جو سماج صنعتي انقلاب جي دور مان پئي گذريو. جڏهن ته اسان وٽ ويهين ۽ ايڪويهين صدي جي سنگم تي شروع ٿيو جڏهن اسان جو نوجوان پروفيشنل , ڪارپوريٽ يا وري تعليمي ادارن ۾ پنهنجو ڪيريئر سنوارڻ لاء گڏ ٿيو.

مغربي معاشرو ان ميل جول ڪري ڪيترائي دفعا انهن مشڪل معاملن مان گذريو, ان تي ڪيترائي مقالا لکيا ويا, اڄ سوا سئو سال کان پوء به ان ميلاپ جي ڀيانڪ نتيجن جي ڪري , مختلف تعليمي ادارن ۾ تحقيقون ڪندا رهن ٿا. هي تحقيقون صرف ٻن نڪتن جي گرد گهمن ٿيون, پهريون جنس مخالف دوستي ۾ افاديت ڪهڙي آهن , ٻيون ان جي قيمت ڪهڙي آهي.

ان دوستي جا ڪيترائي فائدا ٻنهي جنسن جي لاء هڪجيترا آهن, جن ۾ پروفيشنلي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ, سوشل ايڪٽوٽيز ۾ , آئوٽنگ ۽ ڊنر وغيره لاء ٻاهر وڃڻ . شخصي صلاحيتن کي سڌارڻ لاء هڪ ٻئي جو مددگار هجڻ, مخالف جنس واري کي سمجهڻ جو موقعو ملڻ , ان جي سوچ ۽ رويي سان آگاهه ٿيڻ . جڏهن ته ان دوستي قيمت ڪيتريون ڳالهيون عام آهن , جن ۾ حسد , جهيڙو , رشتي جي غرض سان پريشان رهڻ , احساس ڪمتري يا برتري جو احساس هجڻ . خاص طور تي ڪنهن موڙ تي وري محبت جي عنصر جو پيدا ٿيڻ , جيڪو اسان جي معاشري ۾ ڪيتريون پريشانيون ساڻ ڪري ايندو آهي

مغرب ۾ بيشڪ ان دوستي جا ٻه زون ٺهيل آهن , هڪڙو اهو ته اهو تعلق صرف دوستي هوندو ۽ ٻيو جنهن ۾ رومانوي ۽ جنسي تعلقات به قائم هوندا آهن پر اهي زندگي گذارڻ جي معاهدن کان پري هوندا آهن. اسان جي سماج ۾ اگر عورت ان زون ۾ داخل به ٿيندي آهي ته شادي جي واعدي سان , نه ته جنسي تعلقات جو خيال مردن ۾ سئو سيڪڙو جڏهن ته عورتن ۾ نه جي برابر هوندو آهي , پر اهو آهي ته اهي ان ڄار ۾ ڦاسي جلدي وينديون آهن

ڊاڪٽر ايڊرئين , هارورڊ يونيورسٽي جي شعبي نفسيات جو ريسرچر هيو, ان جي پنهنجي تحقيق ٻڌائي ٿي ته " عورت جي فطري نرمي ۽ لڳاءُ تي مشتمل طبعيت کي ڏسي مرد هميشه اهو سمجهندا آهن ته صنف نازڪ انهن جي محبت ۾ مبتلا ٿي وئي آهي, جڏهن ته اهو مونجهاري کانسواء ڪجهه ناهي هوندو , انهن جو ايئن سوچڻ عورتن جي وهم ۽ گمان ۾ به ناهي هوندو " هي مردن جو پنهنجو مسئلو آهي جو ايئن سمجهندا آهن. اڪثر ايئن سمجهندا آهن ته رومانوي ۽ جنسي تعلقات ٻه طرفه آهن, حقيقت ۾ اهي عورت جي صحيح محسوسات کان بلڪل ناواقف هوندا آهن. گهڻا ته ايترا خوش فهم هوندا آهن جو ڇوڪري جي پوئتي مڙي ڏسڻ کي به محبت سمجهندا آهن .

عورتون ۽ الهڙ ڇوڪريون مردن جي اهڙي روش کان بلڪل لاعلم هونديون آهن. عورتون جيڪي پهرين نظر واري محبت کان گهڻو پري هونديون آهن, يا پري رهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن, اهي به ايئن سمجهنديون آهن ته مرد به انهن وانگر سوچي ٿو. دراصل هي ٻئي هڪ ٻئي جي الٽ سوچينداآهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته مرد پنهنجي سوچ ٺيڪ سمجهي ان تي عمل ڪرڻ لڳندا آهن. مطلب ته اهي ان غلط فهمي جي ڪري ان دوستي کي گهڻو اڳي سمجهڻ لڳندا آهن, ان جي ڪري هو مشقت , وقت , خرچو ۽ تڪليفون کڻڻ شروع ڪندا آهن, ڇو ته عورتون انهن جي ضرورت جي ناهن سوچينديون, صرف پنهنجي فطرت مطابق سوچينديون آهن, ان فطرت مطابق ئي هلنديون آهن .

عورتن جي دلچستي صرف ان حد تائين هوندي آهي ته هو مردن جي سنگت ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهنديون آهن. انهن کي سوشل ايڪٽوٽيز ۾ ميل پارٽنرُ, آئوٽنگ ۽ ڊنر وغيره جو بل ڏيڻ وارا ملي ويندا آهن. يا وري مردن جي سماجي تلقات يا ٻين وسيلن مان فائدو وٺنديون آهن. مرد ان کي رومانوي پيار جي پهرين وک سمجهي پنهنجو وقت ۽ پئسو ضايع ڪندا آهن. جڏهن ته عورتون رومانوي يا جنسي تعلقات کي وڏي قيمت سمجهي اڪثر ڪري پوئتي هٽي وينديون آهن , جي ٻنهي لاء شديد ذهني دٻاءُ جو سبب بنجندو آهي.

وسڪنسن يونيورسٽي جي هڪ سماجي سائنسدان اپريل بليسڪي پنهنجي تحقيق لاء اٺياسي جوڙن جو انتخاب ڪيو, انهن کان حلف ورتو ته هن تحقيق ۾ سوالن جو پاڻ ۾ ذڪر نه ڪندا , ان کان پوء انهن سڀني کان اڪيلائي ۾ پنهنجي پارٽنر مطابق سوال پڇيا ويا. ان مان اهو نظر آيو ته عورتون ان تعلق کي صرف دوستي ئي سمجهنديون آهن ۽ تعلق بنا جنسي تعلقات جي هلائڻ چاهينديون آهن. جڏهن ته مرد , عورتن جي ڪشش , ادائن ۽ قربت مان دوکو کائي ان سوچ مان غلط نتيجا اخذ ڪري ان تعلق کي پيار سمجهي عورتن طرف وڌيڪ جهڪي ويندا آهن

نارويجن يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سن ٻه هزار ٻارنهن جي هڪ تحقيق جا نتيجا به ايئن ٻڌايا ويا ته " عورتون جي ڪٿي توهان جو هٿ به پڪڙي , ڪنهن لطيفي يا ڀوڳ ته ٽهڪ ڏين يا توهان سان هٿ به ملائين مطلب تاڙي ملائين ته ان ۾ به ڪو اشارو موجود ناهي جنهن ۾ هو توهان سان رومانوي يا جنسي تعلق رکڻ چاهين ٿيون " اسان وٽ اڪثر عورتون مرد کي "يار" ڪري سڏين ٿيون هي به ان ئي ڪيٽگري ۾ اچي ٿو . پر هي سڀ عمل مرد کي منجهائڻ ۽ سندن ننڊو حرام ڪرڻ لاء ڪافي آهن .

ريمونڊ والٽر ڪاليج جو ريسرچر ڊان اومائير چوي ٿو ته , جنس مخالف ۾ سچي دوستي جو تصور ته موجود آهي , جنهن ۾ هڪ ٻئي لاء عزت , احترام , پيار ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ شامل آهن, پر ڪڏهن اڪيلائي ۾ گڏ ويهڻ يا وري ڪٿي معمول موجب ڀاڪي پائڻ به ڪنهن هڪ فريق ۾ جنسي ڪشش ۽ جنسي تعلق جي خواهش پيدا ڪري سگهي ٿو . هي خواهش ان تعلق ۾ ڪٿي نه ڪٿي گهمندي رهندي آهي, جيڪا ڪنهن به نازڪ وقت ۾ تقاضا جي طور تي اڀري سامهون اچي سگهي ٿي . ان ڳالهه کي مڃجي يا نه مڃجي پر اهڙي ڳالهه کي نظر انداز ڪرڻ به تمام گهڻو مشڪل ٿي وڃي ٿو . ريسرچرز جي مطابق ٻاهٺ سيڪڙو ماڻهو اهڙي تعلق کي قائم رکندا آهن , انهن مان اڌ ان تعلق مان ٻاهر نڪري ايندا آهن , جڏهن ته اڌ ان ۾ ڦاٿل رهندا آهن .

دوستي کي ان سادي دائري رکي جنسي تعلق کان بچي به ٽئين وڏي چيلئنج اٽڪجي ٿو , اهو آهي ٻنهي ۾ مساوات کي قائم رکڻ . سماج ۾ برابري هوندي به مرد کي ڪافي معاملن ۾ پزيرائي ۽ بالادستي حاصل آهي جنهن جي ڪري عورتون هميشه ان خوف ۾ هونديون آهن ته ڪنهن وقت به اسان مرد جي چنبي ۾ اچي سگهون ٿيون. چوٿون وڏو چئلنج سماجي تنگ نظري آهي , ان تعلق کي هزار ڪوششن باوجود به شڪ جي نگاهه کان بچائي نه ٿو سگهجي . ايتري تائين جو ويجها مائٽ يا دوست اهو کلي ڪري پڇندا آهن ته , فلاڻي ڇوڪري يا ڇوڪري سان تنهنجو تعلق صرف دوستي جو آهي يا ڳالهه ڪجهه اڳتي به وڌي آهي ......!

جنس مخالف جي دوستي سان ٻيون به ڪافي ڳالهيون جڙيل آهن جيئن, هڪ عارضي دوستي آهي , جيڪا گهڻو وقت هلي نه ٿي سگهي , ان جي ڪري انهن مان هڪ جي شادي ٿي وڃي ٿي , شادي بعد انهن جي زندگي جو ساٿي ڪڏهن ڪو نه چاهيندو ته اهو يا اها ڪنهن ٻئي يا ٻي سان گهلي ملي , هتي جنس مخالف دوستي کي ترڪ ڪرڻو پوندو آهي . ٻي حقيقت اها به آهي ته ان دوستي مان گهڻو فائدو مرد کڻندو آهي , وڌيڪ اهو ته ساڳي جنس وارن سان دوستي هڪ ئي لئي ۾ هلندي آهي جڏهن ته مخالف جنس واري زندگي وڌيڪ تفريع واري هوندي آهي .

مغربي معاشري ۾ جنس مخالف جي دوستي کي درست سمجهڻ وارا 83% ماڻهو آهن , جڏهن ته 11% ان کي غلط , ۽ 6% جو راء غير يقيني وارو هيو .

ان تعلق ۾ رومانوي يا جنسي سرگرميون ٿي سگهن ٿيون يا نه , ان سوال جي جواب ۾ 62% جو جواب ها ۾ , 36% جو جواب نه ۾ , ۽ 2 سيڪڙو جواب غير يقيني آهي

ان رشتي ۾ جنسي تعلق جو محرڪ ڪير هوندو آهي , 64 سيڪڙو ماڻهن مرد کي قرار ڏنو , 25 سيڪڙو عورت کي جڏهن ته 11 سيڪڙو جو جواب نيوٽرل هيو

جنس مخالف سان دوستي سچي محبت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي , 94 سيڪڙو جو جواب ها ۾ , 4 سيڪڙو ماڻهن جو جواب نه ۾ , بقايا 2سيڪڙو جو جواب غيريقيني آهي

جڏهن ٻئي فريق کي خبر پوي ته پهريون فريق سندس محبت ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ته پوء ڇا ٻيون فريق , پهرين فريق کا ڪنارا ڪش ٿيندو آهي , ان سوال جو جواب 71 سيڪڙو ها ۾ , 9 سيڪڙو نه ۾ , ۽ بقايا 20 نيوٽرل رهيا

هن رشتي ۾ جنسي تعلق کان ڪير دپري رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي , 67 سيڪڙو عورتون ۽ مرد صرف 13 سيڪڙو .

هن تحقيق مان هڪ ڳالهه نمايان طور تي سامهون آئي آهي ته هر ريسرچر مرد کي تعصب جي طور تي ڏوهي قرار ڏنو آهي , پر ايئن آهي نه . مان ان ڳالهه سان متفق ۾ آهيان ته فطري طور تي به جنسي جبلت جي تحريڪ جي شروعات به مرد طرفان ٿيندي آهي , فطري طور تي ان عمل کي هلائڻ وارو به مرد ئي آهي , پر پوء به سمورو جو سمورو بار مرد تي نه ٿو رکي سگهجي , هنن رشتن ۾ پهرين شروعات ته لاشعوري آهي , يا ڪجهه مبهم اشارن ۾ اٽڪي پوڻ آهي
جيڪي صنف نازڪ کان بيان ٿيل ناهن هوندا

جديد دور ۾ نئين نسل جو واسطو جنس مخالف دوستي سان لازمي پوندو آهي , جنهن کي ڪنهن حد تائين قابل قبول به سمجهيو وڃي ٿو , پر اها ڳالهه پبلڪ پريزنٽيشن جي لاء اڄ به سواليه نشان آهي , ۽ اعتراض جوڳو عمل پڻ آهي , جو سماج ۾ ذهني اوسر هڪ جيتري ناهي

جنس مخالف دوستي صرف ان ڳالهه تي منحصر آهي ته , ٻئي فريق پاڻ کي ڪيترين حدن ۾ رکن ٿا , ڇو ته هر هڪ فرد جي هڪ منفرد سماجي جوڙجڪ هوندي آهي , ڪجهه ماڻهون پنهنجون صلاحيتون ۽ وسيلا ونڊ ڪرڻ چاهيندا آهن , ڪجهه ماڻهو رومانيت پسند ۽ جنسي تعلق چاهيندا آهن , ڪجهه ماڻهو سموري زندگي جو نڀاءُ ڪرڻ وارا به هوندا آهن , ڇوڪرو ڇوڪري ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ دوستي يا مرد عورت جي ڪيريئر جي دوران صحتمند دوستي هڪ فاصلي ۽ اخلاقي رنڊڪ جي گهرجائو آهي , هي رنڊڪ ئي ان دوستي کي ڪمفرٽ زون ۾ رکي سگهي ٿي جيڪا باهمي اعتماد جي حامل آهي

هڪ بهتر عمل اهو به آهي ته ٻئين فريق جي جنسي دلچسپي کي محض هڪ وقتي تجربو سمجهي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو , اهڙي طرح جيئن ڪو خراب عمل وارو خيال اچي ٿو پر ان کي سوچي سمجهي زبان تي آڻجي ٿو , اهو به ضروري ناهي ته جڏهن جنسي دلچسپي پئدا ٿئي ۽ ان جي راهه هموار ڪرڻ لاء هلي پئجي ,

انسان پنهنجي جبلتن جو قيدي آهي پر معاشري علم ۽ تربيت ان کي حدن کان آگاهه ڪندي آهي , جنهن معاشري جي طرف اسان وڃون پيا , اتي مرد ۽ عورت جو گڏجي هلڻ هڪ مشروط عمل آهي , اهو هوريان هوريان هڪ ضرورت بنجي ويندو , اهڙي ماحول ۾ اسان توهان کي تعلق جون حدبنديون خود جوڙڻيون پونديون

ڪنهنجي محبت ۾ گرفتار ٿيڻ جنسي جبلت کان سواء سماجي نفسيات سان به تعلق رکي ٿو جيئن رومانوي ناول , اڄوڪي ميڊيا جا ڊراما ۽ ناٽڪ , معاشرتي مثال ۽ سوشل ميڊيا تي موجود مواد به نوي سيڪڙو ان هٿرادو شئي کي هٿي ڏين ٿا

ڪنهن سان پنهنجي ڪم جو بار , ماضي حال يا مستقبل شيئر ڪرڻ سان ڪو ڪنهن جو بوائفرينڊ يا گرل فرينڊ يا عاشق معاشوق ناهي ٿيندو پر عشق هڪ مختلف قسم جو احساس آهي جنهن ۾ انسان معاشرتي حد بندين کي به ناهي ڏسندو , ان جبلت تي اگر هٿ سوگهو ڪجي پوء مٿيون معاشرتي رڪاوٽون اوهان جو رستو روڪينديون , جيڪي فاصلو قائم رکڻ لاء ڪنهن حد تائين ضروري به آهن

جنس مخالف دوستي اڄوڪي دور ۾ نا ممڪن ناهي , پر سوال اهو پئدا ٿو ٿئي اها دوستي باهمي ٿي سگهي ٿي يا نه سوال اهو به آهي ته مٿين تضادات جي موجودگي ۾ ان جو جواب ڇا آهي , ها , نه , صفا نه ,
هن دور ۾ گڏيل تعليم , ساڳيو ڪيريئر , موبائل فون , انٽرنيٽ مخالف جنس جي دوستي جو رجحان ڏينهنون ڏينهن وڌي رهيو آهي , جيڪي ذهني دٻاءۡ , رشتن ناتن ۾ ڏارن سان گڏوگڏ ابارشن جي وڌندڙ تناسب کي جنم ڏئي ٿو , پر ان تي نه ڪا توجهه نه ئي آهي نه ڪا حد بندي ۽ نه ئي پيش رفت -

22/01/2021

جمعا مبارڪ

Want your business to be the top-listed Beauty Salon in Karachi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Website

Address

Defance Street Near Seaview
Karachi