Syed Mian Haji Muhammad Hassan Shah
ٽيم سيد ميان حاجي محمد حسن شاهہ
08/07/2026
08 جولائي 2026
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي ميٽنگ چيئرمين پي اي سي ايم پي اي نثار احمد کهڙو صاحب جن جي زير صدارت ٿي گزري
ايم پي اي قاسم سراج سومرو صاحب ايم پي اي خرم ڪريم سومرو صاحب سيڪريٽري پي اي سي سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب سيڪريٽري ايريگيش کاتو ڪميٽي ميمبرز سيڪريٽرين ۽ آفيسرز جي شرڪت
07/07/2026
03 جولائي 2026
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
ڳوٺ خان محمد محمد راجپوت: محسن ٿر ۽ ڪس سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن پاران پنهنجي جمائت ساٿين دوستن سان گڏ غلام سرور راجپوت سندس برادري پاران امام حسين عليه السلام سندس ساٿين شهداء ڪربلاء جي ياد ۾ سالانه ٿيندڙ محفل ۾ شرڪت
غلام سرور راجپوت (صدر ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن) ضلع عمرڪوٽ سيٺ اڪرم راجپوت سندس ڀائرن راجپوت برادري پاران آجيان
محفل ۾ شريڪ ماڻهن کي نصيحتن سان ڀرپور فهم ڀريون ڳالهيون ٻڌايون
امام حسين سندس ساٿين جي شهادت ڪربلا واقعي تي روشني وڌي
پاڻ ۾ ايڪو اتحاد ٻڌي ڀائيچارو قائم ڪريو
محبتن کي فروغ ڏيو نفرتن ڪروڌ ڪيني کي پاڙان ڦٽي ڪيو
پنهنجي پاڙي جو خاص خيال رکو
سماجي معاشرتي برائين کي ننديو انهن جي روڪٿام لائي پنهنجو ڪردار ادا ڪريو
پنهنجي اولاد خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي خاص توجه ڏيو
06/07/2026
05 جولائي 2026
جيڪي ماڻهون اوهان جي ڏک ۾ گڏ بيهن اهي ئي اوهان جا پنهنجا هوندا آهن
محسن ٿر ۽ ڪس سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن پاران عزيزن جي وفات تي تڏي پهچي پونئيرن سان تعزيتون
ڳوٺ پاتا هاليپوٽا: جمائت جي سينيئر ساٿي استاد منون علي محمد هاليپوٽو جي نماز جنازه ۾ شرڪت بعد تدفين تڏي پهچي دعائي مغفرت پونئيرن سان ڏک ونڊيو
گپنو: ٻن معصوم ٻارن جي پراسرار موت جي پيش ايندڙ ڏکوئيندڙ واقعي تي سندن والد آصف آرائين ۽ پونئيرن سان ڏک ونڊيو
ڪنري: وڏيري عابد آرائين جي سهري جي وفات تي تعزيت
ڳوٺ سرمست رند: رئيس انور خان رند جي گهر واري جي وفات تي تعزيت
ڳوٺ محمد رحيم چاچڙ: وڏير محمد رحيم چاچڙ جي ڀاء محمد اسحاق جي لاڏاڻي تي تعزيت
05/07/2026
04 جولائي 2026
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي
تن تنين سين ڪٽ اوڏا اڏري پکڙا
جن جي ويجهو ويهڻ سان پيڙا لهي وڃي درد دور ٿين تن جي ويجهو وڃي پنهنجا پکا اڏي ويهي رهجي انهن سان وقت ڪاٽجي
محسن ٿر ۽ ڪس سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن جي ڳوٺ آمد جو ٻڌي تر جي مختلف ڳوٺن کان سوين ماڻهن جي سندن رهائشگاھ آمد محبتون ونڊي مسئلا ٻڌائي مانجهاندو ڪري پنهنجي ماڳن طرف موٽ
04/07/2026
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
اها خبر ٻڌي ڏاڊو ڏک پهتو ته اسان جي خاندان جو محبت ڪندڙ مخلص ساٿي استاد علي محمد عرف منون حاليپوٽو لاڏاڻو ڪري ويو آهي
علي محمد منون اسان جي خاندان سان محبت ڪندڙ مخلص ساٿي هو
جن به ماڻهن سموري زندگي وڏڙن کان نسل در نسل اسان جي خاندان سان ادب احترم ۽ وفاداري جو رشتو برقرار رکيو
انهن ۾ استاد منون جو نالو به سرفهرست آهي
سندس وڇوڙي تي دلي ڏک پهتو آهي جمائت جو سينيئر ماڻهون هو
مرحوم پيرسني ء بيماري جي حالت ۾ به زندگي جي آخري دم تائين اسان سان جڙيل رهو
سندس جو تعلق ۽ وفاداري اسان سان ۽ اسان جي گهر سان مثالي رهي
هن ڏک جي گهڙي جي موقعي تي آئون منهنجو خاندان منهنجي جمائت صرف لفظن سان نه پر دل سان استاد جي خاندان سان برابر جا شريڪ شامل آهيون
الله پاڪ محابي مصطفي صلي الله عليه وعلي آله واصحابه وسلم جي استاد منون جي بخشش فرمائي سندس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي
اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن
الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي
دعاڳو: سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ سندس خاندان ۽ جمائت
04/07/2026
سنڌ جي مختلف ضلعن جي ليڊي وڪيلن جي وفد جي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ آمد
سينيئر اسپيشل سيڪريٽري صوبائي اسيمبلي سنڌ سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن سان تصويري عڪس
03/07/2026
ٻيو ڀروسو نه ڀت اکيون سڄڻ اوهان جي آسري
اسلام عليڪم
سڀني سڄڻن ملڻ جي سڪ ۽ اڪير رکندڙ محبوبن کي آگاھي ڏجي ٿي ته محسن ٿر ۽ ڪس سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب جن سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن صبح 09 بجي کان منجهند 01 بجي تائين ڳوٺ واري بنگلي تي موجود هوندا
حافظ انور علي ساند انفارميشن سيڪريٽري سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب
28/06/2026
27 جون 2026
سنڌ اسيمبلي بجيٽ سيشن
سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب
26/06/2026
محسن ٿر سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ جن جو يوم عاشوره تي قوم جي نالي پيغام
يوم عاشوره اسان سڀني کي صبر نظم و ضبط جو درس ڏي ٿو
حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي انصاف ۽ برابري جي آفاقي قدرن جو احترام اسان سڀني تي لازم آهي
ڪربلا جي شهيدن اسلام جو جهنڊو سربلند ڪرڻ لاءِ جانين جو نذرانو ڏنو،
اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسلام جو مقام بلند آهي. ڪربلا جي شهيدن جي قربانين جي نتيجي ۾ باطل قوتن کي شڪست ملي
۽ حق جا نعرا بلند ٿيا، اسان کي شهيدن جي عظيم قرباني مان سبق سکڻ گهرجي
۽ شهيدن جي ڏسيل راهه تي هلڻ گهرجي، ان ۾ ئي اسان جي نجات جو ذريعو آهي.
حضرت امام حسين ڪوفي جي سرزمين تي پهچي ڪري پنهنجي ساٿين جنهن ۾ معصوم ۽ پنهنجي جوانن جي جانين جا نذرانا پيش ڪري
تا قيامت تائين اهو درس ڏئي ويا ته فتح هميشه سچ جي ثابت ٿيندي آهي
۽ يزيديت کي هميشه شڪست نصيب ٿيندي آهي ۽ جيڪو حق جي امام جي ڏسيل راھ تي هلندو
ان کي وقتي تڪليف ٿي سگهي ٿي پر فتح ان جي ئي ٿيندي اسان کي ان حق جي امام جي ڏسيل راھ تي هلي ڪري دنيا کي اهو ٻڌائڻو آهي
ته صبر ۽ سچ جو ساٿ ڏئي شهيد حضرت امام حسين پنهنجي ناني رسول الله صلي الله عليه وسلم جو سچو دين بچايو ۽ عالم اسلام کي هڪ سچو سبق ڏئي ويا ته فتح هميشه سچ جي ٿيندي آهي
اسان سڀني کي امام حسين جي راهه تي هلندي علم جي شمع روشن ڪري جهالت جي اونداهه کي ختم ڪرڻ گهرجي
سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ
24/06/2026
23 جون 2026
سنڌ اسيمبلي بجيٽ سيشن
سيد ميان حاجي محمد حسن شاھ صاحب
Click here to claim your Sponsored Listing.
Category
Website
Address
Karachi