Korai Brothers
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Korai Brothers, Health/Beauty, Nawabshah.
01/04/2026
“Give respect, and you will earn respect.”
𝙵𝚘𝚕𝚕𝚘𝚠 𝕯𝖗𝖊𝖆𝖒𝖎𝖓𝖌
28/09/2025
رئيس الله بخش خان ڪورائي – هڪ يادگار شخصيت
رئيس الله بخش خان ڪورائي 1934ع ۾ تعلقو دوڙ جي ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، جيڪو بعد ۾ سندس نالي سان سڏجڻ لڳو. هو هڪ سادي ڳوٺاڻي ماحول ۾ اکيون کوليون، جتي زندگيءَ جي مشڪلاتن ۽ ذميدارين سان گڏوگڏ محنت، قرباني ۽ خدمت جو سبق مليو. ننڍپڻ کان وٺي ئي هو پنهنجي خاندان، خاص ڪري والد بزرگوار لاءِ هڪ وڏي مددگار هٿ ثابت ٿيو. سندس جواني جفاڪشي، ايمانداري ۽ ذميواريءَ سان ڀرپور هئي.
وقت سان گڏ رئيس الله بخش خان ڪورائي پنهنجي صلاحيتن، محنت ۽ دور انديشيءَ سان زمينون خريد ڪيون ۽ علائقي جو هڪ وڏو ۽ عزت وارو زميندار بڻجي ويو. پر سندس زمينداري صرف دولت ۽ حيثيت تائين محدود نه هئي؛ هن زراعت ۾ جديد طريقا ۽ سائنسي رجحان متعارف ڪرايا. هو پنهنجي علائقي ۾ پهريون ماڻهو هو، جنهن نون طريقن سان زمينداري ڪرڻ ۽ پوکي ڪرڻ جا اصول اختيار ڪيا. هن نه صرف پاڻ انهن تي عمل ڪيو، پر پنهنجي هارين ۽ پوکيندڙن کي به عملي تربيت ڏني. سندس ان دور انديشيءَ سان زراعت ۾ وڏي ترقي آئي، ۽ هارين جي زندگي به معاشي ۽ سماجي طور بهتر ٿي.
سياسي سفر
رئيس الله بخش خان ڪورائي جو سياسي سفر به نهايت روشن ۽ نمايان رهيو. هو پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حاجي غلام مصطفيٰ خان جتوئي جا ويجها ساٿي رهيو. جڏهن ضلعو نوشهروفيروز قائم ٿيو ۽ جتوئي صاحب نوابشاهه ۾ سياست کان الڳ ٿيا، تڏهن رئيس الله بخش خان ڪورائي پنهنجي سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽي سان جوڙي.
سندس سياسي وابستگي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ تڏهن پڪي ٿي، جڏهن هن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ موجوده صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پارٽي جو وفادار ساٿي بڻيو. ان کان پوءِ هو سدائين پارٽي سان جڙيل رهيو ۽ مرڪزي کان وٺي مقامي قيادت تائين سڀني جو ويجهو دوست ۽ مددگار رهيو. سندس وفاداري، اخلاص ۽ خدمت جو انداز سڀني کي متاثر ڪندو رهيو.
دوستن جو حلقو
رئيس الله بخش خان ڪورائي هڪ خوش اخلاق، کليل دل ۽ نيڪ نيت انسان هو. سندس دوستن ۽ ساٿين ۾ ڪيترائي وڏا نالا شامل هئا، جن ۾مرحوم سومر خان جمالي صاحب (چاچا علي اڪبر جماليءَ جا والد)، مرحوم دريا خان جلباڻي، مرحوم احمد علي خان جلباڻي، مرحوم رئيس ايوب خان رند، عنايت علي رند، ميهن خان رند، سعيد خان مري، مرحوم زوار لونگ خان گورچاڻي، مرحوم زوار ارباب گورچاڻي، مرحوم رئيس رحيم بخش گورچاڻي، رئيس ابراهيم خان گورچاڻي ۽ مرحوم حاجي صديق راجپر نمايان آهن. انهن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي سندس ويجها ساٿي هئا، جن سان گڏجي هو نه صرف سياسي ميدان ۾ پر سماجي ۽ قبائلي ميدان ۾ به وڏو اثر رکندو رهيو.
عزت ۽ نيڪ نالو
سندس نالو خدمت، عزت، محبت ۽ وفاداريءَ سان ڳنڍيل رهيو. رئيس الله بخش خان ڪورائي پنهنجي علائقي ۾ ماڻهن لاءِ هڪ سهارو، هارين لاءِ استاد، ۽ سياسي ساٿين لاءِ هڪ وفادار ساٿي رهيو. سندس نيڪي ۽ خوش مزاجيءَ سبب هو نه صرف پنهنجي برادريءَ ۾ پر سموري تعلقو دوڙ ۽ ويجهن علائقن ۾ عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو.
خانداني حيثيت
ڳوٺ "الله بخش خان ڪورائي" (ڏيھ 10 نصرت، يو.سي غلام حيدر شاهه، تعلقو دوڙ) سندس نالي سان منسوب آهي، جيڪو سندس خدمتن ۽ عزت جي علامت آهي. هو حاجي سومر خان ڪورائي جو ناٺي هو، جيڪو ڪورائي برادريءَ جو وڏو نالو ۽ تعلقو دوڙ ۾ قبيلائي سربراهه هو. اهڙي ريت رئيس الله بخش خان ڪورائي خانداني ۽ سماجي حيثيت ۾ به هڪ اهم مقام رکيائين.
آخري ڏينهن ۽ ورسي
رئيس الله بخش خان ڪورائي پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهيو، ۽ 30 سيپٽمبر 2013ع تي هي فاني دنيا ڇڏي ويو. سندس جنازو وڏي احترام ۽ عزت سان ڳوٺ سومر خان ڪورائي جي مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هو هميشه لاءِ آرامي آهي.
سندس پوئتي ڏهه پٽ ۽ چار نياڻين جواولاد م شامل آهن، جيڪي سندس نيڪين ۽ يادگيرين کي زنده رکندا. سندس ٻار، خاندان ۽ دوست اڄ به سندس شخصيت کي هڪ مثال طور ياد ڪن ٿا.
دعا
الله پاڪ رئيس الله بخش خان ڪورائي جي قبر کي نور سان منور ڪري، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس اولاد کي به ساڳي طرح نيڪين ۽ خدمتن جي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.
هي تحرير سندس فرزند، خادم حسين ڪورائي، پرنسپل گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دوڙ پاران، والد جي ٻارهين ورسيءَ جي موقعي تي پيش ڪيل آهي.
26/08/2024
Assalamualaikum
Click here to claim your Sponsored Listing.