Wali M writes

Wali M writes

Share

only lovely friends

14/03/2026

ڪاٿي 40 😱 رپيا
ڪاٿي 350😢
پاڪستان ايرا ن کان تيل ڇو نه ٿو وٺي 🫵 ؟
علامه راشد محمود سومرو

05/11/2025

ڊگرين مان سڀ کان وڏي ڊگري قرآن پاڪ جي آهي♥️

04/11/2025

جيڪو گهڻو استغفار ڪندو، الله هر غم مان نڪرڻ جو رستو ۽ هر تنگي مان آساني عطا ڪندو، ۽ اتان رزق ڏيندو جتان گمان به نه هوندو

04/11/2025

هن کي استاد چئبو آهي

هڪ شادي ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي پرائمري اسڪول جي استاد کي ڏٺو، جنهن کيس تقريباً 35 سال اڳ پڙهايو هو.

هو پيار ۽ عقيدت سان استاد وٽ ويو ۽ ڪجهه هٻڪندي پڇيو:
سر ڇا توهان کي ياد آهي ته مان ڪير آهيان؟"

استاد نرميءَ سان چيو:
"معاف ڪجو پٽ، مان توهان کي سڃاڻي نٿو سگهان."

شاگرد نرم آواز ۾ چيو ته
"مان اهو ئي ڇوڪرو آهيان جنهن هڪ ڀيري هڪ ڪلاس ميٽ جي گھڙي چوري ڪئي هئي.

جڏهن اهو ٻار روئڻ لڳو ته توهان اسان سڀني کي اٿاريو ۽ اسان جي کيسي چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

مون سوچيو ته مون کي سڀني جي سامهون بي عزت ڪيو ويندو، سڀ کلندا ۽ منهنجي عزت برباد ٿيندي.

پر سر سڀ کان پهريان توهان اسان سڀني کي ڀت ڏانهن منهن ڪرڻ ۽ اکيون بند ڪرڻ لاءِ چيو پوءِ توهان سڀني جي کيسن کي چيڪ ڪيو ۽ جڏهن منهنجو وارو آيو ته توهان منهنجي کيسي مان اها گھڙي ڪڍي ورتي پر منهنجو جو نالو نه ورتو نه ئي ڪجه چيو.
ٻار کي گھڙي واپس ڏني ۽ ڳالهه ٻوله اتي ئي ختم ڪئي

ڪابه سزا
ڪا به طنز
ڪا به شرم محسوس نه ڪرايو

ان ڏينهن کان مون فيصلو ڪيو ته مان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪجه به چوري نه ڪندس.

تنهن ڪري سر توهان کي هي واقعو ياد رکڻ گهرجي.

استاد مسڪرايو سندس ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيو:
"ها پٽ، مون کي اهو واقعو ياد آهي
پر توهان کي خبر ناهي ته مون به اکيون بند ڪري توهان سڀن جي کيسن کي چيڪ ڪيو هيو
ته جيئن مون کي خبر نه پوي ته چور ڪير هو ۽ نه ئي منهنجي دل ۾ هن لاءِ ڪا ناراضگي هجي.

اهو ئي هڪ سچو استاد آهي
جيڪو نه رڳو علم ڏئي ٿو
پر ڪردار جي تعمير پڻ ڪري ٿو.
/ سنڌ

30/10/2025

سنڌ ۾ تاريخي نوڪريون 2025! (90,591 جايون خالي) 🚨
سنڌ جي تعليم يافته نوجوانن لاءِ سڀ کان وڏي خوشخبري! سنڌ حڪومت جي 47 کان وڌيڪ مختلف کاتن ۾ BPS-05 کان وٺي BPS-15 گريڊ تائين 90,591 (نوي هزار پنج سئو ايڪانوي) نوڪرين جو تاريخي اعلان ڪيو ويو آهي!

هي نوڪريون خاص ڪري ميٽرڪ، انٽر ۽ گريجوئيٽ پاس اميدوارن لاءِ هڪ اهڙو موقعو آهن جيڪو شايد ٻيهر نه ملي.

تعليمي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ، 26,789 نوڪريون!

بورڊ آف روينيو، ايگريڪلچر، لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ هزارين آسنيون!

هي ڀرتيون SJP Sindh Job Portal جي معيار مطابق ڪيون وينديون.

هي نه رڳو نوڪريون آهن، پر سنڌ جي هزارين خاندانن جو مستقبل آهن!

مھرباني ڪري ھن تاريخي پوسٽ کي فوري طور تي شيئر ڪريو ته جيئن توهان جي سڀني دوستن ۽ مائٽن کي خبر پوي ته سنڌ ۾ نوڪرين جي تاريخ اچي چڪي آهي.

مڪمل لسٽ، پنهنجي کاتي ۾ نوڪرين جو تعداد ۽ اپلاءِ جي سڌي لنڪ ڏسڻ لاءِ، مھرباني ڪري فوري طور تي ھيٺ ڪمينٽ سيڪشن کي چيڪ ڪريو.

Want your business to be the top-listed Beauty Salon in Shikarpur?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Website

Address

Shikarpur