Javaid ali qadri
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Javaid ali qadri, Health/Beauty, .
17/02/2023
#رجب
09/02/2023
🌹پاڻ ڪريم ﷺ جن جو فرمان عظيم ❤️
سنڌي ٻوليءَ۾
جڏھن امانت (ايمانداري دنيا کان ) ختم ٿي وڃي تہ قيامت قائم ٿيڻ جو انتظار ڪر صحابي رسول ﷺ جن عرض ڪيو تہ ايمانداري ختم ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي....؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو تہ جڏھن (حڪومت جا ڪاروبار) نالائق ماڻهن جي حوالي ڪيا وڃن ته قيامت جو انتظار ڪيو
اردو زبان میں
آپ صلی اللہ علیہ وسلم نے فرمایا کہ جب امانت (ایمانداری دنیا سے) اٹھ جائے تو قیامت قائم ہونے کا انتظار کرو۔ صحابی رسول نے عرض کی کہ ایمانداری اٹھنے کا کیا مطلب ہے؟ آپ صلی اللہ علیہ وسلم نے فرمایا کہ جب (حکومت کے کاروبار)نالائق لوگوں کو سونپ دئیے جائیں تو قیامت کا انتظار کرو۔
✍️
۱۸ رجب شریف 1444ھ
10 فيبروري 2023 جمعو
07/02/2023
فرمانِ رسول اکرم صلی اللہ علیہ وآلہ وسلّم ۔۔۔۔۔۔
"مظلوم کی بدعا سے بچو اس لئے اس کی بدعا،اور رب جلیل کے درمیان کوئی پردہ حائل نہیں"
05/02/2023
20/01/2023
#سنڌيڪار ✍️
*"اهلِ بیت جا وفادار"*
دل جي مثال ان بند ڪمري جيان آهي جنهن جي دروازي تي تالو لڳل ھجي ۔ ایمان کي دل جي اندر داخل ٿيڻ جي لاءِ تالي کي کولڻ ضروري آهي۔ ۽ تالي جي چاٻي اہلِ بیتِ رسول ﷺ جن جي محبت آهي۔
رسول الله ﷺ جن جو ارشادِ گرامي آهي:
وَاللهِ، لَا يَدْخُلُ قَلْبَ امْرِئٍ إِيمَانٌ حَتَّى يُحِبَّكُمْ لِلَّهِ، وَلِقَرَابَتِي
الله پاڪ جو قسم! (اي منھنجا اهلِ بیت) ڪنھن شخص جي دل ۾ ایمان داخل نہ ٿي سگهندو جيستائين توهان کي الله سبحانہ وتعالي جي لاءِ ۽ منھنجي قرابت جي وجھہ سان محبت نہ ڪري۔
(مسند احمد 1777 ، 17515)
اگر دل ۾ "ایمان" جي داخل ٿيڻ جي لاءِ اهلِ بیت جي محبت ضروری آهي تہ پوءِ جيڪو شخص اهلِ ایمان جي رتبن کي طي ڪندي ڪندي مرتبۂِ صدیقیت – جنھن جي مٿان جو رتبو نبوت جو رتبو شمار ٿئي ٿو – تان جو پھچي ويو ھجي۔ بلڪہ صدیقین ۾ بہ امتیازي شان جو حامل ھجي۔۔۔ پوءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو تہ ان شخص جي دل ۾ خاندانِ رسول ﷺ جي محبت ڇوليون هڻندڙ نہ ھجي ؟ ڪيئن ممڪن آهي تہ جنھن شخص کي رسول الله ﷺ جن جي زبانِ اقدس تان "صدیق" جو لقب مليو ھجي ، ان جي دل ۾ اھلِبیتِ رسول ﷺ جي محبت سندن عروج تي نہ ھوندي؟؟؟
۽ پوءِ جڏھن ان شخصیت جي زبانِ مبارڪ تان سون جي پاڻي سان لکڻ جي لائق ھي جملو نڪري ٿوتہ ان شخصیت جي دل ۾ ڇوليون هڻندڙ محبتِ اہلِ بیتِ رسول ﷺ جي حقیقت جو پردو ظاھر ٿي ويو تہ۔ فرمائن ٿا:
وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ لَقَرَابَةُ رَسُولِ اللهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَحَبُّ إِلَيَّ أَنْ أَصِلَ مِنْ قَرَابَتِي
ان ذات جو قسم جنھن جي دستِ اقدس ۾ منھنجي جان آهي۔ رسول الله ﷺ جن جي قرابت سان تعلق جوڙڻ ، مون کي سندس اهلِ قرابت سان تعلق جوڙڻ کان بہ وڌيڪ محبوب آھي۔
(صحیح بخاری 3711 ، 4035 ، 4241 ، صحیح مسلم 1759)
چوڻ جي لاءِ تہ ھي ھڪ جملو آھي ۔ جيڪو اسان پنهنجي عالمن خطيبن کان صبح شام ٻڌنڌا رھون ٿا۔ لیڪن جيڪڏهن ان جي گھرائي کي ڏٺو وڃي تہ شاید سو ڄڻان محبت جا دعويدار ان سمنڊ جي ڪناري تي بہ نظر نہ اچن۔
رسول ﷺ جن جي خاندان جي محبت ۽ان سان تعلق جوڙڻ جدا امر آھي۔۔۔ ۽ ان تعلق جو سندن خانداني تعلق کان وڌي ڪري عزیز ۽ محبوب ھوئڻ بہ جدا امر آ ۔۔۔
ٻنھي ۾ فرق ڪرڻو ھجي تہ ھڪ طرفان سندن مٽ، مائٽ رکيا وڃن ۽ ٻي طرفان اھلِبیتِ نبوت جي ڪنھن فرد کي رکيو وڃي۔۔۔
ھڪ طرف سندن باپ ، ڀاءُ ، پٽ ھجن ۽ ٻئي طرف رسول الله ﷺ جن جي آلِ پاک جو ڪو ھڪ فرد ھجي۔۔
زندگيءَ اھڙي موڙ تي کڻي ڪري بيھاري ڇڏيو آهي تہ ڪنھن ھڪ کي پرکي سگھي ٿو۔۔۔ صرف ھڪ شخص جي چونڊ جي ڪمي باقي آھي۔۔۔ رسول الله ﷺ جن جي آلِ پاڪ جي فرد کي پرکيو تہ سندن پيءُ ، ڀاءُ ، پٽ ڇڏڻا پون ٿا۔ ۽ سندن مٽ مائٽ کي پرکيو وڃي تہ خاندان نبوت جي فرد سان تعق ٽوڙڻو پئي ٿو۔۔۔
ھي آھي اصل امتحان۔۔۔
ھي آھي آزمائش جو مھل۔۔۔
وڏا وڏا محبت جا دعويدار ۽اهلِ بیت جي مودت جا میدان ھاري وڃن ٿا۔۔۔ سندن ڀاءُ پٽ پي جي محبت غالب اچي وڃي ٿي۔۔۔ جان بچائڻ جي لاءِ ڪنهن نہ ڪنهن کي ڪانه ڪا تاویل ڪڊي وٺندا آھيون۔۔۔
لیڪن آزمائش جي ھن گھڑي ۾ تاجدارِ صداقت سیدنا ابو بڪر صدیق جي سچي زبان سان ھي نعرو ٻڌڻ۾اچي ٿو:
وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ لَقَرَابَةُ رَسُولِ اللهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَحَبُّ إِلَيَّ أَنْ أَصِلَ مِنْ قَرَابَتِي
ان ذات جو قسم جنھن جي دستِ اقدس ۾ منھنجي جان آھي۔ رسول اللہ ﷺ جن جي قرابت سان تعلق جوڙڻ ، مون کي سندن اهلِ قرابت سان تعلق جوڙڻ کان بہ وڌيڪ محبوب آھي۔
ڀاءُ پيارو آهي۔۔۔ پي پيارو آھي۔۔۔ پٽ پيارو آهي۔۔۔۔۔۔ سمورا رشتا سندن جاءِ لیڪن ڳالهه جڏهن رسول اللہ ﷺ جن جي خاندان جي اچي وڃي۔۔۔ جڏھن ڳالهه اهلِ بیتِ نبوت جي ھجي تہ جيڪي رشتا ٽٽن ٿا تہ ھو ٽٽي وڃن لیڪن رسول الله ﷺ جن جي آلِ پاڪ سان گڏ غلاميءَ جو رشتو نہ ٽٽي۔۔۔!!!
ھي آھي صدیقي فیصلو۔۔۔
ھي آھي صدیقي نظریو۔۔۔
ھي آھي صدیقي فڪر۔۔۔
مالڪ ڪريم سبحانہ وتعالي امتِ مسلمہ کي ھن صدیقي فڪر تي مرڻ جيئڻ جي توفیق بخشي۔
آمین
بحرمۃ النبی الامین وآلہ الطاہرین
صلی اللہ تعالی علیہ وعلی آلہ وسلم
از قلم:
محمد چمن زمان نجم القادری
25 جمادی ثانیہ 1444ھ
18 جنوری 2023ء
سنڌيڪار ✍️
جاويد علي قادري
27جمادي ثانيہ 1444ھ
20جنوري 2023ء
19/01/2023
#سنڌيڪار ✍️
*"یارِ مزار"*
رسول اللہ ﷺ جن جو ھڪ قبر جي پاسي کان گذر ٿيو تہ پوڇا ڪيائون:
قبر مَنْ هذا؟
ھي ڪنھن جي قبر آھي؟
عرض ڪئي وئي:
قبر فلان الحبشي يا رسول الله
اي الله جا پيارا رسولﷺ! فلاڻي حبشي جي قبر آھي۔
رسول اللہ ﷺ جن فرمایو:
لا إله إلا الله سيق من أرضه وسمائه إلى تربته التِي خُلِقَ منها
اللہ کان سواءِ ڪوئي معبود ناھي ۔ ھي شخص سندس زمین ۽ آسمان کان اُن زمین تان آڻيو ويو جٿان کان ان جي تخلیق ڪئي وئي ھئي ۔
(شعب الایمان 9425)
ڪو شخص مشرق ۾ پیدا ٿئي یا مغرب ۾۔ اُتر پاسي یا ڏکڻ ڏي ۔ اُن جي تدفین اُتي ئي ٿيندي آھي جنھن مٽيءَ مان اُن جي تخلیق ڪئي ويندي آهي۔ زمین جي جنھن حصي تان ان جي مٽيءَ کڻي ويندي آهي ، ھو اُتي اچي ڪري دفن ٿيندو آهي۔
حضرت عبد اللہ بن عباس بہ اھيا ئي ڳالهه سمجھائيندي فرمائن ٿا:
يُدْفَنُ كُلُّ إِنْسَانٍ فِي التُّرْبَةِ الَّتِي خُلِقَ مِنْهَا
یعني سمورا انسان ان مٽيءَ ۾ دفن ڪيا ويندا آهن جٿان کان ان جي تخليق ٿي۔
(مصنف عبد الرزاق 6733)
اللہ سبحانہ وتعالي پنھنجي حبیب ﷺ جن جي نورِ انور کي سڀ کان پھريان بڻايو۔ لیڪن بشري لباس پهرائي ڪري موڪليو تہ خاص مزارِ انور جي جاءِ ناز تان مٽي ورتي وڃي۔
لیڪن ڇا اُن مقامِ ناز تان فقط رسول الله ﷺ جن جي جسمِ انور ۽ اطهر ۽ اقدس ۽ اجل ۽اعلی جي مٽيءَ کڻي وئي؟؟؟
پاسي ۾ یارِ غار ڏسون۔۔۔ پوءِ وري پاسي۾ اعدل الاصحاب ڏسون۔۔۔ تہ چوڻو پوي ٿو تہ:
جنھن مقامِ ناز تان جانِ ڪائنات رحمتِ عالم ﷺ جن جي جسمِ انور ۽ اطهر واقدس واجل واعلی جي لاءِ مٽي کڻي وئي۔۔۔ اُتان کان سھڻي ابو بڪر صدیق جي جسمِ مقدس جي مٽيءَ کڻي وئي۔۔۔ اُتان کان عمرِ فاروق جي جسمِ اقدس جي مٽيءَ کڻي وئي۔۔۔
جنھن جو مطلب ھي بڻجي ٿو تہ :
اُن ھستين جي لاءِ صحبتِ مصطفي ﷺ جن جو شرف فقط ظاهري زندگيءَ جي سمو تائين نہ ھو۔۔۔ بلڪہ جڏهن زمين بڻائي وئي تہ انھيءَ مھل شیخینِ ڪریمین جي طینتِ(خِلقت) کي طینتِ مصطفي ﷺ جن جي صحبت عطاءُ ڪئي وئي ھئي ۔۔۔ پوءِ ظاھري زندگي۔۔۔ ۽ پوءِ وصال جي بعد کان وٺي ڪري قيامت جي قائم ٿيڻ تائين۔۔۔ !!!
ھي فیصلو ازلي ھو ۔۔۔ اڄ ڪير بہ رزم ڪري تہ رزم ڪري سگهي ٿو۔۔۔ لڙائيءَ ڪري تہ لڙائيءَ ڪري سگهي ٿو ۔۔۔ اعتراض ڪري تہ ڪري سگهي ٿو۔۔۔ یارِ غار جو انڪار ڪري تہ ڪري سگهي ٿو۔۔
لیڪن ڇا یارِ مزار جو بہ انڪار ڪري سگهي ٿو؟؟؟
ھي خدائي تقسیم آهي۔۔۔ ھي فضلِ ربانيءَ آهي۔۔۔ ھي خداوند جي عطاءُ آهي۔۔۔ يُؤْتِيهِ مَنْ يَشَاءُ
انھيءَ اَٽل حقیقت ڏانهن اشارو ڪندي چراغِ گولڑھ حضرت پیر سید نصیر الدین نصیر جيلانيءَ رحمہ الله تعالي فرمائن ٿا:
نام آنے سے ابو بکر و عمر کا لب پر
تو بگڑتا ہے، وہ پہلو میں سلائے ہوئے ہیں
از قلم:
محمد چمن زمان نجم القادری
24 جمادی ثانیہ 1444ھ
17 جنوری 2023ء
سنڌيڪار ✍️
جاويد علي قادري
27جمادي ثانيہ 1444ھ
19جنوري 2023ء
19/01/2023
#سنڌيڪار✍️
*"سھڻا صديق مصلي تي ئي رھو۔۔۔!!!"*
جيڪڏهن امامت جي مصلي تي ڀيھڻ جو مطلب "پوئينءَ صف کان صرف ٽي فٹ اڳيان وڌڻ "ھجي ھا تہ مولائي ڪائنات مولا عليءَ مشڪل ڪشا شیرِ خدا ڪرم الله تعالي وجھہ الڪریم رسول ﷺ جن جي مصلي تي بيھڻ واري شخصیت کي رسول الله ﷺ جن جي خليفي جي حيثيت سان قبول فرمائي ڪري ھي نہ فرمائن ھا :
رَضِينَا لِدُنْيَانَا مَنْ رَضِيَ رَسُولُ اللَّهِ صلّى الله عليه وسلم لِدِينِنَا
جنھن ھستي کي رسول الله ﷺ جن اسان جي دين جي لاءِ پسند فرمايو، اسان ان کي دنيا جي لاءِ پسند ڪري ورتو۔
(الطبقات الکبری لابن سعد 3/167)
ھڪ ماڳ ھو ھيو جڏھن مھاجرن، انصار ، اصحابِ بدر ، اصحابِ احد ، بیعتِ رضوان جا صاحب ، سابقين اولين ، سڀني جي موجودگيءَ۾ مصطفوي فرمان ھنن لفظن ۾ جاري ٿئي ٿو:
مُرُوا أَبَا بَكْرٍ، فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ
سھڻي ابو بڪر صديق کي چئو تہ! ماڻهن کي نماز پڙھائن ۔
ان ھڪ حڪم ئي سيدنا ابو بڪر صدیق کي رسول الله ﷺ جن جو جاءِ نشين بڻائي ڇڏيو ۔
لیڪن اھيو ئي حڪم ان کان اول بہ پيش آيو ھو ۔
جڏھن ٻيھر ھي حڪم جاري ٿيو تہ يقين ڄاڻو تعجب وارو نظارو ھو ۔ لیڪن جڏهن پھريون ڀيرو ھي حڪم جاري ٿيو تہ ان منظر کان بہ وڌيڪ تعجب وارو ھو ۔
بنو عمرو بن عوف جي وچ ۾ ڪجهه ڇڪتاڻ ٿي تہ۔ رسول الله ﷺ انهن جي وچ صلح ڪرائڻ جي لاءِ تشريف کڻي ڪري وڃن ٿا۔ عصر جو وقت نزديڪ ھو۔ ۽ ممڪن آهي تہ موٽي اچڻ ۾ دير ٿي وڃي۔
اي الله جا پيارا دلبر حبيبﷺ! توهان جي اچڻ تائين نماز میں تاخیر ڪئي وڃي؟ یا جدا جدا پڙهي وڃي ؟
کوڙ سارا سوال ھئا جن جو جواب مطلوب ھو۔
لیڪن رسولِ رحمت ، جانِ عالم ﷺ ان سوالن جي مھل اچڻ کان اڳ ۾ ئي بلال رضي الله تعالي عنہ کي فرمائن ٿا:
يَا بِلَالُ، إِذَا حَضَرَتِ الْعَصْرُ وَلَمْ آتِ فَمُرْ أَبَا بَكْرٍ فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ
اي بلال!
جيڪڏهن نمازِ عصر جو وقت اچي وڃي ۽ مان واپس موٽي نہ سگھان تہ ابو بڪر صدیق کي چئجانءِ تہ ھو ماڻهن کي نماز پڙھائي ڇڏي ۔۔۔!!!
"مُرُوا أَبَا بَكْرٍ، فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ" فرمائي ڪري سھڻي ابو بڪر صدیق جي جنھن عظمت جي پڌرائيءَ ڪئي وئي، ڳچ زماني ان عظمت کي ڏٺو۔
پر اڄ جيڪا عظمتِ صديقي ڏيکاري وڃڻ واري ھئي ، ان جي ريت ئي جدا ھئي۔
عصر جي نماز جو مھل اچي ويو ھو۔ حضرت بلال رضه جن اذان ڏئي ڇڏي۔ رسول الله ﷺ اڃا تائين واپس تشریف نہ کڻي ڪري آيا۔ حضرت بلال دربارِ صدیقي ۾ حاضر ٿين ٿا۔ عرض گذار ٿيا:
أَتُصَلِّي فَأُقِيمَ الصَّلَاةَ؟
ڇا توهان نماز پڙھائيندا ؟ مان اقامت چوان؟
سھڻا ابو بڪر صدیق فرمائن ٿا:
نَعَمْ
ھا۔
صفون بڻجي ويون۔ اقامت بہ ٿي وئي۔ ابو بڪر صدیق امامت جي مصلي تي۔ تڪبیر چئي ڇڏي۔ نماز شروع ٿي وئي۔
۽ ھاڻ اھو وقت اچي ويو جنهن مھل ابو بڪر صدیق جي بي مثال عظمت ان ڪائنات کي ڏيکارڻ واري ھئي۔
نماز شروع ٿي وڃي ٿي تہ الله سبحانہ وتعالي جا حبیب ﷺ بہ واپس تشریف کڻي ڪري اچن ٿا۔
صفون بڻيل آھن ۔ صفن منجھان گذرندا ويا پھرين صف۾ تشریف کڻي ڪري اچن ٿا۔۔۔۔
اصحاب سڳورن رضي الله تعالي عنهم نماز جي دوران مصطفي ڪريم ﷺ جن جي ديدار سان مشرف ٿين ٿا لیڪن ابو بڪر صدیق جو ڌيان تہ الله جي دربار ڏانهن آهي ۔۔۔ ان کي ڪجهه اندازو ئي ناھي تہ منھنجي پٺيان امام الانبیاء ﷺتشريف کڻي ڪري آيا آهن۔ پاڻ نماز جاري رکن ٿا۔ اصحاب سڳورن رضي الله تعالي عنهم حضرت ابو بڪر جو ڌيان ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي ھٿن تي ھٿ مارين ٿا۔ ابو بڪر صدیق ڌيان نٿا ڪن ۔ لیڪن اصحاب سڳورا پنهنجي ھٿن تي ھٿ مارڻ جو سلسلو جاري رکن ٿا۔ ڇاڪاڻ تہ اصحاب سڳورن کي معلوم نہ ھو تہ :
ابو بڪر صدیق جي پويان ھو ھستي تشریف کڻي ڪري آئي آهي ، جيڪي نبین جا بہ امام آھن۔۔۔ صلي اللہ تعالي علیہ وعلیھم وسلم
جڏھن اصحاب سڳورن ڏانهن ھي سلسلو ڊيگھ پڪڙي ٿو تہ ابو بڪر صدیق ڌيان ڏين ٿا۔۔۔
ڇا ڏسن ٿا تہ:
امام الانبیاء ﷺ ابو قحافہ جي پٽ جي پويان جلوہ فرما آهن۔۔۔!!!
پويان ھٽڻ چاھن ٿا تہ رسول الله ﷺ جن جي طرفان اشارو ٿيندو آهي:
امْكُثْ مَكَانَكَ
ابو بڪر! پنھنجي جاءِ تي ڀيھہ۔۔۔!!! مصلي تي رھو۔۔۔!!!
"مُرُوا أَبَا بَكْرٍ، فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ" جي ذريعي تہ سڀني اصحاب سڳورن جو امام بڻايو ويو ۔۔۔ لیڪن اڄ رسول الله ﷺ صرف اصحاب سڳورن جي امامت جو نہ بلڪہ امام الانبیاء ﷺ جي اڳيان بيھڻ جو حڪم ارشاد فرمائي رھيا آھن۔۔۔!!!
ابو بڪر صدیق سندن ھٿن کي ائين بلند ڪن ٿا جيئن دعا ڪري رھيا ھجن۔ پوءِ سڌو پوئين صف ۾ اچي وڃن ٿا ۽ رسول الله ﷺ امامت جي مصلي تي تشريف فرما ٿين ٿا ۔
نماز مڪمل ٿي۔ رسول الله ﷺ جن فرمایو:
يَا أَبَا بَكْرٍ مَا مَنَعَكَ أَنْ تَثْبُتَ إِذْ أَمَرْتُكَ
ابو بڪر! جڏھن مان توکي حڪم ڏنو تہ توکي مصلي تي رھڻ کان ڪھڙي شيءِ روڪيو؟
ابو بڪر صدیق عرض ڪن ٿا:
مَا كَانَ لِابْنِ أَبِي قُحَافَةَ، أَنْ يُصَلِّيَ بَيْنَ يَدَيْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ
ابو قحافہ جي پٽ جي ھي شان ناھي جو ھو رسول الله ﷺ جن جي اڳيان نماز پڙھي۔۔۔!!!
رسول الله ﷺ فرمائن ٿا:
فَلِمَ رَفَعْتَ يَدَيْكَ؟
تون تہ پنهنجا ھٿ مٿي جي طرف بلند ڇو ڪيا ھئا؟
ابو بڪر صدیق عرض گذار ٿين ٿا:
رَفَعْتُ يَدَيَّ؛ لِأَنِّي حَمِدْتُ عَلَى مَا رَأَيْتُ مِنْكَ
اي الله جا پيارا دلبر حبيبﷺ!
مان ھٿن کي اِن لاءِ بلند ڪيا جو مان پنهنجي طرفان جيڪو اعزاز ڏٺو ۔۔۔ توهان سید الانبیاء آھيو۔۔۔ نبين سڳورن جا بہ امام آھيو لیڪن مونکي سندن اڳيان امامت جي مصلي تي بيھڻ جي اجازت ڏيئي رھيا آھيو ۔۔۔ اُن اعزاز تي مان الله سبحانہ وتعالي جي حمد بجا آڻي۔
بلاشڪ ابو بڪر صدیق جي طرفان ان عظیم اعزاز تي خداوند جو شڪر بجا آڻڻ بڻجي بہ ٿو۔۔۔ڇاڪاڻ تہ صفر المظفر 11ھ جو "مُرُوا أَبَا بَكْرٍ، فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ" فرمائي ڪري صرف اصحاب سڳورن جي امامت جو حڪم ڏنو ويو هو ۔ لیڪن ان ماڳ تي تاجدار ڪائنات ﷺ جن ابو بڪر صدیق کي سندن اڳيان بيھي رھڻ جي بہ اجازت فرمائي ڇڏي۔۔۔
يقين ڄاڻو ھي اعزاز اھڙو ھو جنھن تي ابو بڪر صدیق نماز مڪمل ھوئڻ جو انتظار ڪرڻ بغير نماز جي دؤران (وچ) ۾ خداوند جو شڪر بجاءِ آندائين۔۔۔
پوءِ ھي ابو بڪر صدیق جي ادب جو انداز ھي آھي جو اجازت ملڻ جي باوجود بہ امامت جي مصلي تي نٿا رھن ۔۔۔
ڇاڪاڻ تہ ھو ڄاڻن ٿا تہ :
رسول الله ﷺ جي ھي مھربانيون آھن تہ مونکي پنهنجي اڳيان بيھي رھڻ جي اجازت ڏيئي رھيا آھن ۔۔۔ ورنہ ھي تہ اھا ھستي آھن جڏھن تشریف کڻي ڪري ايندا آھن تہ نبي سڳورا بہ پويان صفون ٻڌي بيھي رھن ٿا۔۔۔ انھيءَ جي لاءِ عرض ڪئي:
مَا كَانَ لِابْنِ أَبِي قُحَافَةَ، أَنْ يُصَلِّيَ بَيْنَ يَدَيْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ
یعني جڏهن نبي سڳورا توهان جي پويان بيٺل ھوندا آھن تہ ابو قحافہ جي پٽ جي ھي شان ڪٿي جو ھو رسول الله ﷺ جن جي اڳيان نماز پڙھي ؟؟؟
دربارِ رسالت ڏانهن ھي عزتون۔۔ ھي مھربانيون۔۔۔ ھي نوازشيون ۔۔۔ البتہ ابو بڪر صدیق ئي جي حصي۾ ھيون ۽ انھيءَ کي عطا ٿيون۔
رضي اللہ تعالي عنہ وارضاہ عنا
از قلم:
محمد چمن زمان نجم القادری
23 جمادی ثانیہ 1444ھ
16 جنوری 2023ء
سنڌيڪار ✍️
جاويد علي قادري
27جمادي ثانيہ 1444ھ
19جنوري 2023ء
16/01/2023
👉
سنڌيڪار ✍️
*"صدیق جي ايمان جو وزن"*
ایمان اھا قیمتي شيءِ آهي جو جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ رائي جي ذرڙي کان بہ گھٽ ، ان کان بہ ڪم تر ، ان کان بہ وڌيڪ ڪم تر ھوندو تہ قیامت جي ڏيھاڙي الله سبحانہ وتعالي پنھنجي حبیبِ پاڪ ﷺ کي حڪم فرمائيندو:
انْطَلِقْ فَأَخْرِجْ مَنْ كَانَ فِي قَلْبِهِ أَدْنَى أَدْنَى أَدْنَى مِثْقَالِ حَبَّةِ خَرْدَلٍ مِنْ إِيمَانٍ فَأَخْرِجْهُ مِنَ النَّارِ
تشریف کڻي ڪري وڃو ۽ جنھن جي دل ۾ رائي جي ذرڙي جي وزن کان بہ گھٽ ، ان کان بہ گھٽ ، ان کان بہ گھٽ ايمان ھجي ان کي باھ مان ٻاهر ڪڊيوس ۔
(صحیح بخاری 7510 ، صحیح مسلم 193)
۽ ٻئي جڳھ تي ارشاد فرمایو:
﴿إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا وَمَاتُوا وَهُمْ كُفَّارٌ فَلَنْ يُقْبَلَ مِنْ أَحَدِهِمْ مِلْءُ الْأَرْضِ ذَهَبًا وَلَوِ افْتَدَى بِهِ ﴾ [آل عمران: 91]
یعني جن ماڻهن ڪفر ڪيو۽ ڪفر جي حالت۾ ئي مري ويا تہ ان منجهان ڪوبہ شخص پوري زمین برابر سون فدیہ جي طور تي ڏيڻ چاهي تڏھن بہ قبول نہ ڪيو ويندو ۔
ھڪ طرف رائي جي ذرڙي کان بہ گھٽ ، ان کان بہ ڪم تر ، ان کان بہ وڌيڪ ڪم تر نجات جو ذریعو بڻجي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف ان جي بدلي ۾ پوري زمین برابر سون بہ قبول نہ ڪيو پيو وڃي۔۔۔ جنھن جو مطلب ھي بڻجي ٿو تہ:
زمین برابر سون بہ ایمان جي ان مقدار جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي جو رائي جي ذرڙي کان بہ گھٽ ، ان کان بہ ڪم تر ، ان کان بہ وڌيڪ ڪم تر ھجي۔
ھي ایمان جي حقیقي قیمت تہ ناھي پر ھن سان ایمان جي قیمت جو ڪجھہ نہ ڪجھہ اندازو ضرور لڳائي سگھجي ٿو تہ رائي جي ذرڙي کان بہ گھٽ ان کان بہ ڪم تر ان کان بہ وڌيڪ ڪم تر ایمان ايترو قیمتي آهي جو زمین برابر سون ان جي برابريءَ ڪرڻ ۽ ان جو بدلو بڻجڻ کان لاچار۽ بيوس آهي۔
ھي تہ حالت آهي ظاهري طور تي انتهائي معمولي مقدار ایمان جي۔۔۔
لیڪن ھن امت ھڪ ھڙي هستي بہ ڏٺي جنهن جي ایمان جي مقدار سیدنا عمرِ فاروق رضي الله تعالي عنہ ھنن لفظن ۾ بيان ڪن ٿا :
لَوْ وُزِنَ إِيمَانُ أَبِي بَكْرٍ بِإِيمَانِ أَهْلِ الْأَرْضِ لَرَجَحَ بِهِمْ
اگر ابو بڪر صدیق جو ایمان زمین وارن جي ایمان سان گڏ توريو وڃي تہ ابو بڪر صدیق جو ایمان ان تي ڳرو ٿي ويندو۔
(فضائل الصحابۃ لاحمد بن حنبل ح 653)
جنھن ھستي جو ایمان ايترو وزني ھجي۔۔۔ یقینا انھيءَ جي شان ۽عظمت نرالي آهي یارِ غار هوئڻ ۽ یارِ مزار ھوئڻ جي ۔۔۔
رضي الله تعالي عنہ وارضاہ عنا۔۔۔
از قلم:
محمد چمن زمان نجم القادری
22 جمادی ثانیہ 1444ھ
15جنوری 2023ء
سنڌيڪار ✍️
جاويد علي قادري
24جمادي ثانيه 1444ھ
16جنوري 2023ء
16/01/2023
👉
*"اخلاصِ صدیق"*
جي
*"خداوندي تصدیق"*
عمل جو اخلاص ، عمل کان زیادہ ضروری آهي۔ ڪجھ وقت انسان گھڻو خوبصورت ۽ اعلی ڪردار جو حامل ٿي ڪري بہ دربارِ خداوندي مان ڀلائيءَ جو بدلو حاصل ڪرڻ کان لاچار ۽ بي وس ھوندو آھي۔ ڇاڪاڻ تہ خالقِ ڪائنات سبحانہ وتعالي "شرڪ" کان پاڪ عمل کي قبول فرمائي ٿو۔ انھيءَ جي لاءِ فرمايو:
﴿فَمَنْ كَانَ يَرْجُو لِقَاءَ رَبِّهِ فَلْيَعْمَلْ عَمَلًا صَالِحًا وَلَا يُشْرِكْ بِعِبَادَةِ رَبِّهِ أَحَدًا ﴾ [الكهف: 110]
جيڪو شخص پنهنجي پالڻهار سان ملاقات جو امید وار آهي تہ ان کي گھرجي تہ سٺا ۽ سھڻا عمل ڪري ۽ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ نہ بڻائي ۔
ھي ڳالھ تہ مقرر ٿيل آهي: خداوند جي رضامنديءَ جي طلبگارن جي لاءِ اخلاصِ نیت بہ ضروری آهي۔ نیت کي ھر غير سان پاڪ ڪرڻ بہ لازمي آهي۔
پر ڪيڏو نه سھڻو ٿيندو جو خدا تعالي پاڻ نیت جي سچائي جي شاھدي ڏي ۔۔۔ !!!
واضح طور تي ھي ڳالھ تہ ناممڪن لڳندي آهي ۔
ڇاڪاڻ تہ: ھو خالق آهي تہ اسان مخلوق آھيون۔۔۔ھو مالڪ آھي تہ اسان مملوک آھيون۔۔۔ ان کي ٻانِھَن جي ڪنهن بہ عمل جي ڪائي گھرج ناھي۔رڳو ٻانِھَن کي ئي گھرج آھي ۔۔۔ھو بيپرواه آهي۔ان کي ڪنهن جي ڪائي ضرورت ناھي۔۔۔!!!
لیڪن عقل اچرج (حيرت) ۾ پئجي وڃي جڏهن رسولِ رحمت ﷺ جن جو سچو پڪو صحابي غلام خريد ڪري آزاد ڪندو آهي تہ۔۔۔ ماڻهن ۾ سوالات شروع ٿي ويندا آهِن۔۔۔ بدڪلامي ڪرڻ وارن جي بدڪلامي کان ڪير محفوظ رھي سگھي ٿو۔۔۔ ماڻهو چوڻ لڳي ويندا آهن:
ما أعتقه إلا ليدٍ كانت له عنده
ھن غلام جي آزاديءَ ڪنھن احسان جو بدلو چڪائڻ جي لاءِ آهي۔
ٻڌڻ وارن جي سوچ ويچار (نظریات) ان صحابئ رسول ﷺ جي باري۾ میرا ٿيڻ لڳي ويندا آهن۔۔۔ سوچڻ وارا سوچي رھيا آھن تہ اھو ڪھڙو احسان ھيو جنهن جو بدلو چڪائڻ جي لاءِ غلام کي خرید ڪري آزاد ڪرڻو پيو ؟؟؟
اھڙي حالت ۾ ھڪ صحابئ رسول ﷺ ہزار قسمون کائي تہ ان ڪنھن احسان جي بدلي جي لاءِ ان کي آزاد ناھي ڪيو ۔۔۔ بلکہ فقط ذاتِ خداوندي جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان کي آزاد ڪيو آهي۔۔۔ لیڪن نیت تہ اندروني معاملو آهي۔ ڪنھن کي ڇا خبر تہ ھي ڳالھ ڪيتري قدر سچي آھي؟ قسمون کائڻ وارو ڪيتري قدر صداقت سان ڪم وٺي رھيو آھي؟ بد ظني ڪرڻ وارن جي لاءِ بدظني جي ڪمي باقي رھندي ۔۔۔!!!
لیڪن ھي صحابئ رسول ﷺ دربارِ خداوندي ۽ دربارِ مصطفوي جو اھڙو محبوب ھيو جو :
"ان ٻانھي تي بد ظني خود خالقِ ڪائنات کي بہ پسند نہ آئي۔"
خالق ۽ مالڪ سبحانہ وتعالی پنهنجي ھن ٻانھي جي اخلاص تي تا قیامِ قیامت شاھدي جي لاءِ حضرت جبریل کي دربارِ رسالت ڏانهن روانو فرمايو_جبریل خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري رسول اللہ ﷺ کي الله تعالي جو ڪلام ٻڌائين ٿا ۽ ان محبوبِ بارگاہِ خداوندي ۽ محبوبِ بارگاہِ مصطفوي جي صداقت ۽ اخلاص تي تصديق جي مهر نقش ڪندي فرمایو وڃي ٿو:
﴿وَمَا لِأَحَدٍ عِنْدَهُ مِنْ نِعْمَةٍ تُجْزَى إِلَّا ابْتِغَاءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْأَعْلَى ﴾ [الليل: 19-20]
ابوبڪر صدیق تي ڪنهن جو بہ ڪوئي احسان ناھي جنھن جو ھي بدلو چڪائي رھيا آھن ۔ (ان جو ھي ڪردار) صرف ذاتِ ربِ اعلی جي لاءِ آهي۔
ابو بڪر صدیق مبارک ھجي۔۔۔!!!
اي یارِ غار مبارک ھجي۔۔۔!!!
اي یارِ مزار مبارک ھجي۔۔۔!!!
ڪافر توهان تي اعتراض ڪري رھيا آھن ۽ تنھنجو پاڪ پالڻهار تنھنجون صفايون پیش فرمائي رھيو آھي۔۔۔!!!
ڇا امتي جي حق ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪنهن خوش قسمتيءَ جو تصور ڪري سگهجي ٿو ؟
ان رب جي مھرباني تي سو هزار کان بہ وڌيڪ جانون قربان ڪيون وڃن تڏهن بہ ان مھرباني جو شڪريو ادا نہ ٿي سگھندو :
ڪافرن اعتراض ڪيو تہ خالقِ ڪائنات خود حضرت سیدنا ابو بڪر صدیق جي تصدیق فرمائي ڇڏي۔ ۽ تصدیق بہ اھڙي جو قيامت تائين محراب ۽ منبر ۾ تلاوت ڪئي ويندي۔
یقینا ھي اُھو ڪمال آهي جنهن جي لاءِ پوري دنيا قربان ڪرڻي پئي تڏهن بہ سودو سستو آهي ۔۔۔ ۽ ھي ڪمال جنھن ھستي کي نصيب ٿيو ، ھو یارِ غار جي هستي آهي۔ رضي الله تعالی عنہ وارضاہ عنا
۽ ھتي ھي ڳالھ بہ سمجھڻ لازم آھي تہ :
جنھن هستي جي اخلاص جي شاھدي خالقِ ڪائنات ڏي۔۔۔ ان جي اخلاص تي شڪ ڪرڻ وارن جو شڪ تاجدارِ صداقت تي ناھي ، بلکہ خالقِ ڪائنات تي بڻجي ٿو۔
الله تعالي رسولِ رحمت ﷺ جي هر نسبت جو احترام بجا آڻڻ جي توفیق بخشي۔
آمین
بحرمۃ النبی الامین وآلہ الطاہرین
صلی اللہ تعالی علیہ وعلی آلہ وسلم
از قلم:
محمد چمن زمان نجم القادری
21 جمادی ثانیہ 1444ھ
14 جنوری 2023ء
سنڌيڪار ✍️
جاويد علي قادري
24جمادي الثاني 1444ھ
16جنوري 2023ع
05/01/2023
زبان ھجي نہ ھجي ۔۔۔۔
نوڪري سلامت ھجي۔۔۔!!!
ابو یوسف یعقوب بن اسحاق المعروف "ابن السِّكِّيت" ھڪ ڏينھن عباسي خلیفي متوڪل سان گڏ ويٺا هئا۔ اُنھيءَ مھل متوڪل جو پٽ معتز ۽ مؤید اچي پھتا۔
متوڪل ابن السِّكِّيت کي چوڻ لڳو:
یعقوب! توھان کي تمام گھڻا محبوب ڪير ٿا لڳن ؟ منھنجا ھي ٻئي پٽ یا حسن ۽ حسین (علیھما السلام)
ابنِ سکیت چوڻ لڳو:
والله إن قَنبر خادم علي بن أبي طالب خَيرٌ منك ومن ابنيك
الله تعالي جو قسم آھي!
مولائي ڪائنات مولا علي ڪرم وجهه الڪريم جو خادم قنبر بہ تو کان بھتر آ ۽ تنھنجيءَ ھنن ٻنھي پٽن کان بہ تمام گهڻا سٺا آهن ۔
جڏھن متوڪل ابنِ سکیت جي زباني ھي ڳالھ ٻڌائين تہ ان حڪم جاري ڪيو:
سُلُّوا لسانه من قفاه
ھن جي زبان کي گدي کان ٻاهر ڪڊيو وڃي۔
پوءِ ابنِ سکیت جي زبان کي گدی جي ٻاهران ڪڊيو ويو ۽ انھيءَ حالت۾ ان کي موت واقع ٿي وئي۔
(وفیات الاعیان 6/396 ، الاشاعۃ لاشراط الساعۃ ص135)
از قلم:
مفتی محمد چمن زمان نجم القادری
سنڌيڪار ✍️
جاويد علي قادري
۱۳جمادي الآخر ۱۴۴۴ھ
06جنوري 2023ع
31/12/2022
#تاجدارِ_مشوری اور #اکرامِ_سادات:
07 جمادی ثانیہ 1444ھ ، 31 دسمبر 2022ء کو مرشدِ کریم الحاج امیر الدین نقشبندی مجددی جامعۃ العین سکھر میں تشریف فرما تھے۔ حضرت مولانا محمد علی شجاعت قاسمی دست بوسی کے لیے حاضر ہوئے تو ان کے سر پر مشوری تاج دیکھ کر حضرت قبلہ پیر طریقت تاجدارِ مشوری سائیں مولانا محمد قاسم مشوری صاحب رحمہ اللہ تعالی کا ذکر چل پڑا۔
مرشدِ گرامی فرمانے لگے:
مشوری والے سائیں ساداتِ کرام کا انتہائی ادب کرتے تھے۔
ایک بار ایک بھینس کھل کر آ گئی۔ حضرت قبلہ سائیں محمد قاسم مشوری صاحب علیہ الرحمہ کو بتایا گیا کہ:
یہ سید صاحب کی بھینس ہے۔
حضرت سائیں مولانا محمد قاسم مشوری صاحب رحمہ اللہ تعالی نے اسے آگے جانے سے روکنے کے لیے اس کی رسی کو پکڑ کر اسے باندھنا چاہا تو رسی کو ہاتھ نہیں لگایا ، بلکہ کپڑا لے کر رسی کو پکڑا اور اس بھینس کو باندھ دیا۔
پھر سید صاحب کو پیغام بھجوا دیا گیا کہ آپ کی بھینس ہمارے ہاں بندھی ہوئی ہے۔
سید صاحب نے کہلوا بھیجا: مجھے پہنچا دیجیے۔
حضرت قبلہ سائیں محمد قاسم مشوری رحمہ اللہ تعالی نے احباب میں سے کسی کو حکم دیا کہ بھینس کو سید صاحب کے گھر پہنچا کر آؤ اور ساتھ حکم دیا:
بھینس کی رسی کو ہاتھ سے نہیں پکڑنا۔ کسی کپڑے وغیرہ سے پکڑنا۔
کہیں ایسا نہ ہو کہ (غلاموں کا) ہاتھ ایسی جگہ پڑ جائے جہاں مخدراتِ مقدسہ میں سے کسی کا ہاتھ لگا ہو۔ 🙇♂️🙇♂️🙇♂️🙇♂️
از قلم:
محمد چمن زمان نجم القادری
31 دسمبر 2022ء